جڙتو مقابلو : شهري قتل ڪندڙ اي ايس آءِ کي موت جي سزا

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ شهري کي جڙتو مقابلي ۾ مارڻ واري ڪيس ۾ عدالت جوابدار اي ايس آءِ کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، اي  ايس آءِ طارق تي شهري مقصود کي جڙتو مقابلي ۾ مارڻ جو ڏوهه ثابت ٿي ويو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار کي 2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي،ڏنڊ جي رقم مقتول جي وارثن کي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.عدالت ڪيس ۾ روپوش قرار ڏنل جوابدار جا تاحيات  گرفتاري وارنٽ به جاري ڪري ڇڏيا آهن.  واضح رهي ته 18 فيبروري2018 ع  تي جوابدار ٻين ساٿين سان گڏجي رڪشا تي فائرنگ ڪئي هئي،  جنهن جي نتيجي مقصود ٿڏي تي دم ڏنو هو ، جڏهن ته سندس دوست زخمي ٿي پيو هو، جوابدارن واقعي کي ڦر دوران مقابلي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، عدالت ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار کي وڌيڪ 6 مهينا قيد جو حڪم ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.