گولاڙچي ۾ ڦورو ڄاڻائي زخمي ڪيل فوت، لاش رکي ڌرڻو

گولاڙچي( رپورٽ: عيدن زيندپور) گولاڙچي پوليس جي مبينه مقابلي ۾َشديد زخمي ٿيل شبير شاهاڻي انڊس اسپتال بدين ۾َفوت ٿي ويو گولاڙچي  پوليس موجب چڪ نمبر 32 وٽ مبينه ڏوهاري دڪان مان ڦرڪرڻ بعد چڪ نمبر 32 جي رستي ڏانهن وڃي رهيو هو ته اطلاع تي پوليس پهچي وئي جتي ڦورو سان مقابلو ٿي پيو جنهن ۾َشبير شاهاڻي شديد زخمي ٿي پيو ۽ هڪ ڄڻو موقعي تان فرار ٿي ويو زخمي کي انڊس اسپتال بدين آندو ويو ته هو فوت ٿي ويو پوليس موجب مذڪوره ڦورو تي گولاڙچي ٿاڻي سميت ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي 46 ڪيس داخل آهن ، وارثن لاش گولاڙچي  باءِ پاس تي 4 ڪلاڪ لاش رکي ڌرڻو هنيو انهي موقعي وارثن محب علي شاهاڻي ، پپو شاهاڻي ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڀاءُ کي پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماريو آهي هوڏانهن شهر ۾َهوائي فائرنگ ڪري شهر بند  ڪرايو ويو، پوليس پاران اڻوندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاء بدين ، ڪڙيو گهنور ۽ کورواھ مان پوليس گهرائي شهر جو گشت وڌايو ويو ويو، شبير شاهاڻي کي گولاڙچي جي قبرستان ۾َدفنايو ويو،جڏهن ته  پوليس جي مدعيت ۾ فوتي مٿان پوليس مٿان فائرنگ ڪرڻ ڪو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.