ڊگهڙي ڀرسان ننڍي ڀاءُ ڪهاڙيون هڻي وڏو ڀاءُ قتل ڪري ڇڏيو

ڊگهڙي ( ن ع آ ) ڊگهڙي ڀرسان ننڍي ڀاءُ  ڪهاڙي جا وار ڪري وڏي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس مقتول جي زال جي فرياد تي ڪيس  داخل ڪري جوابدار کي گرفتاري ڪري ورتو آهي. گذريل رات دير سان ڊگهڙي ڀرسان  ڳوٺ ديهه  اي 143 ۾ جمعون ڀيل ڪهاڙين جا وار ڪري 40 ورهين جي پپو ولد منجي ڀيل کي قتل ڪري موقعي تان فرار ٿي ويو، جنهن کي بعد ۾ پوليس گرفتار ڪري ورتو.  اطلاع تي ايس ايڇ او ڊگھڙي  پوليس  لاش تعلقي اسپتال ڊگهڙي  منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ڊگهڙي پوليس مقتول جي زال چندا جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي،  مقتول جي زال جو چوڻ آهي ته  جوابدار ڏير منهنجي مڙس سان نه ٺهندو هو ۽ گذريل رات ساڻس منهن ماري ڪرڻ بعد ڪهاڙين جا سڌا وار ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.