ايران تيل سمگلنگ جي الزام ۾ سامونڊي جهاز کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

 

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پاسدارانِ انقلاب پاناما جي جهنڊي واري هڪ سامونڊي جهاز کي روڪي ورتو.

فورسز جي ترجمان ايراني نيوز ايجنسي فارس کي ٻڌايو ته ان جهاز تي تقريبن 3 لک ليٽر تيل غير قانوني طريقي سان سمگل ڪيو پئي ويو.

جهاز ۾ موجود پرڏيهي عملي جي 10 ميمبرن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي پر ان ڪارروائي جو وقت ۽ عملي جي سڃاڻپ جي حوالي سان ڄاڻ فراهم ناهي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.