نواز شريف پي ڊي ايم جي پشاور جلسي سان خطاب نه ڪندو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف آچر ڏينهن پشاور ۾ ٿيندڙ پي ڊي ايم جي جلسي سان خطاب نه ڪندو.

ٽوئيٽر تي هڪ واهپيدار طرفان پڇا ڪرڻ تي ن ليگ نائب صدر مريم نواز تصديق ڪئي ته طبعيت جي خرابي سبب نواز شريف اپوزيشن جماعتن جي اتحاد پي ڊي ايم جي پشاور ۾ ٿيندڙ جلسي سان خطاب نه ڪري سگهندو.

مريم نواز واهپيدار کي جواب ڏيندي چيو ته نواز شريف پشاور ۾ خطاب نه ڪري سگهندو، ڇو ته کيس اڃا به ڏاڍي تڪليف آهي.

واضح رهي ته نواز شريف طبعيت ۾ خرابي سبب اسپتال منتقل ٿيڻ جي ڪري 17 نومبر تي پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ به شريڪ نه ٿيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.