ٽيسٽ ڪرڪيٽر سميع اسلم به موقعو نه ملڻ تي ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو

 

پاڪستان جي هڪ ٻئي ڪرڪيٽر سميع اسلم به پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان ڪاوڙجي ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ٽيسٽ ڪرڪيٽر سميع اسلم قائداعظم ٽرافي ۾ بلوچستان طرفان 3 ميچون کيڏڻ کانپوءِ هاڻ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏن لاءِ ڪجهه ڏينهن ۾ آمريڪا روانو ٿي ويندو.

سميع اسلم آمريڪا جي نمائندگي جو سوچيو آهي، ان لاءِ هن سفري دستاويز مڪمل ڪرڻ سان گڏوگڏ رهائش جو بندوبست به ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب سميع اسلم مقرر مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ آمريڪا طرفان کيڏڻ جو اهل هوندو، ان کانسواءِ به ڪيترن ئي ملڪن جا ڪرڪيٽر آمريڪا طرفان کيڏڻ جي ڪوششن ۾ آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته 13 ٽيسٽ ۽ 4 ون ڊي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ سميع اسلم ڊوميسٽڪ ۾ سٺي ڪارڪردگي باوجود موقعو نه ملڻ تي مايوس آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ به ڪيترائي ڪرڪيٽر موقعو نه ملڻ سبب پاڪستان ڇڏڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن، جن ۾ اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر محمد آصف، پي ايس ايل ۾ ڪراچي ڪنگز جي نمائندگي ڪندڙ فاسٽ بالر عرفان جونيئر ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز طرفان کيڏندڙ رميز راجا جونيئر به شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.