ڌاٻيجي: تاريخي ماڳ ڀنڀور تي ساحلي پٽي جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تقريب

ڪوسٽل سجاڳ سوشل آرگنائزيشن پاران  سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور تي سامونڊي پٽي جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ  لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي سينئر صحافي ۽ سماج سڌارڪ مشتاق سرڪي ،محمد جت ،نبيل رند ،اصغر جت ،نظير خانيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو سامونڊي پٽي جا ماڻھو اڄ به پٿر واري زندگي گهارڻ تي مجبور آھين ساحلي پٽي جي ماڻھن کي پئيڻ جي صاف پاڻي تعليم، صحت سميت ڪي به بنيادي سهولتون موجود ناهن ، هنن وڌيڪ چيو ته ٺٽي جي ساحلي پٽي جون زمينون  ڀڳڙن مٺ ڌارين جي حوالي ڪيون ويون ، مقامي ڌرتي ڌڻين لاء روزگار جا دروزا بند ڪري اتي ڌارين کي روزگار ڏنو پيو وڃي ، هنن جو چوڻ هو ته نام نهاد ڪمپينن جا سرمائيدار پنهجي ڏاڍ ۽ بدمعاشي تي قائم آھن جيڪا ڌرتي ڌڻين سان سراسر ناانصافي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.