پکو: ٺل جي صحافي نور لنجواڻي جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو

ٺل جي صحافي نور لنجواڻي جي قتل خلاف پکو شھر ۾ قلم ڌڻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو   ان موقعي ته  پريس ڪلب جي صدر گل انقلابي ، محمد علي تيوڻو , عبدالوحيد ميئو , اياز حسين  , ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اندر هر روز صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ سان گڏ حق ۽ سچ لکڻ تي ڌمڪايو پيو وڃي , هنن چيو ته ٺل جي بهادر قلم ڌڻي نور لنجواڻي جو قتل کلي دهشت گردي آهي , جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا هنن  چيف جسٽس , وفاقي سرڪار , سنڌ سرڪار توڙي آء جي سنڌ کان گهر ڪئي ته فوري طور صحافي نور لنجواڻي جا قاتل گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.