گلشن اقبال : سنڌو آئل ٽريڊرز پاران پ پ اڳواڻ يوسف بلوچ جي مان ۾ آجياڻو

ڪراچي ۾ سنڌو آئل ٽريڊرز پاران اڳوڻي وزير مرتضي بلوڇ جي فرزند پ پ اڳواڻ محمد يوسف بلوچ جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو ، آجياڻي جي تقريب ۾ شبير احمد راڄپر،ڪاشف منگي،شفقت نوناري،پرويز راڄپر،منصور چانڊيي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي يوسف بلوچ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آئي سرڪار ملڪ لاء مصيبت ثابت ٿي آهي، غريب ماڻهو ٻه ويلا ماني کائڻ لاء پريشان آهي ۽ ھاڻ عوام هن حڪومت مان نجات چاهي ٿو، هن چيو ته سنڌ جا نوجوان ڪراچي ۾ صرف نوڪري تي ڀاڙڻ بدران ڪاروبار جي سيڪٽر ۾ اڳيان اچن، ننڍي توڙي وڏي ڪاروبار ذريعي بي روزگاري جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو ،ڪراچي جا قديم ڳوٺ ڪافي مسئلن جو شڪار آهن انهن جي حل لاء ڀرپور ڪوششون وٺنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.