جروار: امر راڳي ڀڳت ڪنور رام جي ياد ۾ ” ڪنور ڪانفرنس“ ڪوٺائي وئي

جروار ۾ گذريل 24 سالن کان پوءِ پهرين ڀيرو امر راڳي ڀڳت ڪنور رام جي ياد ۾ ” ڪنور ڪانفرنس“ ڪوٺائي وئي  ، جنھن ۾ سنڌ جي ناليوارن اديبن سائين تاج جويو ،ڊاڪٽر ادل سومرو ، پريم پتافي ، شبير گبول ، درگاھي ، ماجد گبول سميت صحافين سياسي سماجي ڪارڪنن توڙي شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آھي سنڌ جي روايت کي برقرار رکندي مھمانن کي فقيري گيڙو پيش ڪيا ويا ان موقعي تي ڊاڪٽر ادل سومرو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آھي ته امر راڳي شھيد ڀڳت ڪنوررام صدين تائين ماڻھن جي دلين ۾ سمايل رھندو ان سبب جو ھن مذھبن کان مٿانھون ٿي ڪري پيار محبت ۽ امن جو پيغام پکيڙي انسانيت جو روپ ادا ڪري ھميشه لاء امر ٿي ويو آھي ان موقعي تاج جويو ڳالھائيندي چيو آھي ته جروار واسين جي اھا خوشنصيبي آھي ته جو ھُنن 24 سالن کانپوء  به وري ھي پروگرام ڀڳت ڪنوررام نالي ڪوٺايو آھي ، ڀڳت ڪنوررام ان ھستي جو نالو آھي جنھن انتھاپسندي کي شڪست ڏيئي تاريخ جي ان ورقن ۾ پنھنجو نالو لکرايو آھي جنھن ۾ ھو ھميشه زندھ رھڻو آ،  ان کانسواء عرفان ، گل لنڊ سميت ٻين به ڀڳت ڪنوررام بابت پنھنجن پنھنجن خيالن جو اظھار ڪيو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.