ڪراچي: فشرفوڪ فورم پاران ماهيگيري جي عالمي ڏهاڙي تي رنگارنگ تقريب

پاڪستان فشرفوڪ فورم پاران ماهيگيري جي عالمي ڏهاڙي تي ماهيگيرن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ ٻيٽن تي ڪنهن به اڏاوت جي اجازت نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.  اهڙو اعلان پي ايف ايف پاران ماهيگيري جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ابراهيم حيدري ۾ ڪوٺايل رنگا رنگي ثقافتي تقريب دوران ڪيو ويو، جنهن ۾ سوين ماهيگير مرد توڙي عورتن، سول سوسائٽي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب دوران راڳ ۽ ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا، جن ۾ ماهيگيرن جي مسئلن کي اجاڳر ڪيو ويو.  اها تقريب “سمورن سامونڊي ٻيٽن تي ماهيگيرن جي خودمختياري“ ۽ “ماهيگيرن جي حقن جو تحفظ“ جي موضوع هيٺ ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ٺٽي، سجاول، بدين، ڄامشورو، حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن کان آيل ماهيگيرن پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي  فشرفوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاه چيو ته ماهيگير برادرين پاران سڄي دنيا ۾ هر سال 21 نومبر تي ماهيگيري جو عالمي ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو ، هو 1998ع کان وٺي پاڪستان فشرفوڪ فورم جي پليٽ فارم تان هر سال اهو ڏهاڙو ملهائيندا پيا اچن. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا اٽڪل 30 لک ماهيگير سمنڊ، خاص طور تي ڪريڪس، مان مڇي مارڻ تي گذر سفر ڪن ٿا، جڏهن ته وفاقي حڪومت سامونڊي ٻيٽن کي قبضي ۾ وٺي انهن تي شهر تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان ماهيگيرن جا گس بند ٿي ويندا ۽ اهي پنهنجي روزگار کان محروم ٿي ويندا. ان موقعي تي تقريب کي ناليواري محقق ۽ تاريخدان گل حسن ڪلمتي ،ماهيگيرن جي اڳواڻ جان عالم ڄاموٽ، سول سوسائٽي جي نمائندن عثمان بلوڃ، فاطمه مجيد، سياسي اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو، عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر بخشل ٿلهو، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان سنڌ جي ڪو چيئرمين اسد بٽ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.