ڇا 28 سالن کان پوءِ ”ايس ايم ايس“ جو عهد ختم؟

سڄي دنيا ۾ فيس بڪ جي ملڪيت هيٺ ايپليڪيشن واٽس ايپ کي ماهوار ڏيڍ ارب کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجي پيارن سان رابطي جي لاءِ استعمال ڪن ٿا ڇو ته ان ۾ ميسيج موڪلڻ مفت آهي ۽ رڳو انٽرنيٽ گهربل هوندو آهي.

پر هاڻ ائين ٿو لڳي ته واٽس ايپ کي پنهنجي سڀ کان وڏي حريف کي منهن ڏيڻو پوندو ڇو ته گوگل اينڊرائيڊ فونز ۾ ٽيڪسٽ ميسجز کي لڳ ڀڳ واٽس ايپ جيترو ئي بهتر بڻائي ڇڏيو آهي.

گوگل ميسجز بنيادي طور تي ان ڪمپني جي رچ ڪميونيڪيشن سروس (آر سي ايس) جو حصو آهي جنهن تي 2016ع کان ڪم ٿي رهيو آهي ۽ هي ايس ايم ايس يا شارٽ ميسج سروس جي جاءِ وٺندو جنهن کي 25 سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي جڏهن ته صارف ان تي وائي فائي تي چيٽ، هاءِ ريزولوشن تصويرون ۽ ويڊيوز موڪلڻ ۽ موصول ڪرڻ جي سهولت، ريڊ رسيپٽ، ٽائپنگ انڊيڪٽرز گروپ چيٽ ۽ گروپ چيٽس ۾ ماڻهن کي ايڊ يا ڪڍڻ جهڙا فيچرز استعمال ڪري سگهندا.

2 سالن جي ڪوششن کان پوءِ آخرڪار گوگل سڄي دنيا جي اينڊرائيڊ صارفن (چين ۽ روس کان سواءِ) کي ايس ايم ايس جي ان متبالد تائين پهچ فراهم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هاڻ موبائيل ڪمپنين بدران گوگل طرفان سڌو سنئون آر سي ايس چيٽ سروسز اينڊرائيڊ ميسجز ايپ جي ذريعي فراهم ڪيون وينديون، جنهن جي رڳو ان اپليڪيشن کي انسٽال ڪري ان کي ڊيفالٽ ٽيڪسٽ ايپ جي جاءِ استعمال ڪرڻو پوندو.

آر سي ايس کي گوگل گذريل سال برطانيا، فرانس ۽ آمريڪا ۾ متعارف ڪرايو هو ۽ گوگل طرفان هاڻ ان ۾ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن جي واڌ جي لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

هاڻ گوگل اعلان ڪيو آهي ته هي سمورو عمل مڪمل ٿي ويو آهي ۽ هاڻ سڄي دنيا ۾ آر سي ايس سورسز اينڊرائيڊ ميسجز جي ذريعي هر هڪ کي ملندي.

يعني هاڻ چئي سگهجي ٿو ته آخرڪار ايس ايم ايس جو عهد گوگل جي ان قدم کان پوءِ ختم ٿي ويو آهي ۽ ويجهي ئي مستقبل ۾ ان سروس جي تحت موڪليا ويندڙ پيغام به ٻين جي پهچ کان پري هوندا جيڪا اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن جي مهرباني هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.