سنڌ ۾ گاڏين جا اجرڪ جي پرنٽ وارا نوان ڪمپيوٽرائزڊ ڪارڊ شروع

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گاڏي هلائڻي آهي ته ايڪسائز کاتي کان نئون ڪارڊ ٺهرائڻو پوندو، سنڌ ۾ ڪمپيوٽرائزڊ ڪارڊ جاري ٿيڻ شروع ٿي ويو.

ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن گاڏين جي ڪمپيوٽرائزڊ ڪارڊ جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. موٽر رجسٽريشن ڪارڊ ۾ اجرڪ جي به پرنٽ آهي. ڪارڊ ۾ خاص چپ لڳل آهي. جنهن ۾ گاڏي جو سمورو ريڪارڊ موجود هوندو. ڪارڊ ۾ هر گاڏي جي لاءِ الڳ بار ڪوڊ رکيو ويو آهي.

ڪارڊ جي سويپ ٿيندي ئي گاڏي جي مالڪ ۽ سموري تفصيل سامهون اچي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.