ڪرن جوهر ۽ اپوروا مهتا تي فلم جو نالو چورائڻ جو الزام

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ”رنگيلا، فيشن، هيروئن، اندو سرڪار، ٽريفڪ سگنل ۽ پيج ٿري“ جهڙيون شاندار فلمون ٺاهيندڙ بالي ووڊ فلم ساز مڌر ڀنڊارڪر دعويٰ ڪئي آهي ته فلمساز ڪرن جوهر ۽ اپوروا مهتا سندس فلم ”بالي ووڊ جون زالون“ جو ٽائيٽل چوري ڪيو آهي.

مڌر ڀنڊارڪر اها دعويٰ تازو ڪرن جوهر ۽ اپوروا مهتا جي ايندڙ نيٽ فليڪس سيريز ”فيبلس لائيوز آف بالي ووڊ وائيوز“ مطلب بالي ووڊ ستارن جي گهروارين جي شاندار زندگي جو ٽريلر رليز ٿيڻ کانپوءِ ڪئي آهي.

مڌر ڀنڊارڪر 20 نومبر تي پنهنجي مختصر ٽوئيٽ ۾ فلم ساز ڪرن جوهر ۽ اپوروا مهتا کي مينشن ڪندي ٻڌايو ته انهن ٻنهي فلمسازن پنهنجي ايندڙ فلم ”بولي ووڊ وائيوز“ مطلب بالي ووڊ جون زالون جو نالو تبديل ڪرڻ جو چيو هو پر هنن ان جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

سندس موجب هن طرفان ڪرن جوهر ۽ اپوروا مهتا جي درخواست رد ڪرڻ کانپوءِ ٻنهي فلمسازن پنهنجي سيريز جو نالو ان جي ايندڙ فلم سان ملندڙ جلندڙ رکيو، جيڪا سراسر ناانصافي آهي.

مڌر ڀنڊارڪر لکيو ته ڪرن جوهر ۽ اپوروا مهتا پنهنجي ويب سيريز جو نالو ان جي ايندڙ فلم مان متاثر ٿي ئي ”فيبلس لائيوز آف بولي ووڊ وائيوز“ رکيو.

هن ٻنهي فلمسازن کي اپيل ڪئي ته اهي سندس ايندڙ فلم کي متاثر نه ڪن ۽ پنهنجي سيريز جو نالو تبديل ڪن ته انهن جي مهرباني ٿيندي.

هوڏانهن ڪرن جوهر ۽ اپوروا مهتا مڌر ڀنڊارڪر جي دعويٰ تي ڪو ردعمل ناهي ڏنو پر سوشل ميڊيا تي ماڻهو مڌر ڀنڊارڪر جو ساٿ ڏئي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.