مورو: جسم جي چيئرمين رياض چانڊيو جي گاڏي روڪي تلاشي وٺڻ خلاف احتجاج

موري ۾ مختلف قوم پرستن، سياسي سماجي  ڌرين طرفان جئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو کي حيدرآباد ۾ بلاجواز روڪڻ جي عمل خلاف احتجاجي  مظاھرو ڪيو ويو ،مظاھري جي اڳواڻي  جئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ علي گل شاھ،و قار ڪلھوڙو،جسقم جي شاھنواز سنڌي،ملوڪ کوسو،جئي سنڌ تحريڪ جي ابرار ميمڻ، ۽ ٻين ڪئي ، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته جسم سربراھ کي حيدرآباد جي علائقي ۾  چيڪنگ جي بھاني بلاجواز روڪي سندس گاڏي جي تلاشي وٺي لائنسس ڏيکارڻ باوجود کين نه ڇڏڻ  وارو  عمل مذمت جوڳو آهي، هنن چيو ته هو سمجهن ٿا ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي پليٽ فارم تان ٻيٽن خلاف قوم پرست جدو جھد منظم ۽ مضبوط ٿيڻ جي ڪري طاقت ور ڌريون بوکلاهٽ جو  شڪار ٿي ويون آهن هنن سنڌ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.