سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي توڙي وڌندڙ مھانگائي خلاف ريلي

سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي توڙي وڌندڙ مھانگائي خلاف سنڌ ايگريڪلچر جنرل ورڪر يونين، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن پاران ايڌي سينٽر ٺٽي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا قومي شاھراھ جو گشت ڪندي پريس ڪلب ٺٽي اڳيان پھتي، جتي ڌرڻو هنيو ويو ، ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ ڪامريڊ ناصر منصور، ڪامريڊ زھرہ خان، لال بخش سٺيو، سعيدہ خاتون، ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪافي وقت کان سنڌ جون زمينون ۽ ٻيٽ سنڌ جي مرضي کانسواءِ وڪرو ڪيا پيا وڃن، اسان سنڌ جا وارث اڃان زندہ آھيون، ڪنھن بہ صورت ۾ وفاق کي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين. ھنن چيو ته نااھل حڪمرانن جي ڪري اڄ ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آھي، پورھيت طبقو انتھائي پريشانين کي منھن ڏئي رھيو آھي، هنن چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تان وفاق جو قبضو ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.