ڀان سيدآباد :منڇر ڍنڍ تي سنڌ ملاح فورم پاران مهاڻن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

ڀان سيدآباد ويجهو منڇر ڍنڍ تي سنڌ ملاح فورم پاران مهاڻن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو،مهاڻن جي عالمي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي اڳواڻ ظهور ملاح، شريف ملاح، غلام مصطفي ملاح، علي گوهر ملاح، شهزاد ملاح، شبير ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ منڇر ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻن ڳالهائيندي چيوته منڇر ڍنڍ سميت سنڌ جي ڍنڍن کي هٿ سان تباه ڪيو ويو آهي، منڇر تي ماهيگيرن کان روزگار به کسيو ويو آهي، منڇر ڍنڍ سميت سنڌ اندر سمورين ڍنڍن تي بااثرن قبضا ڪري ورتا آهن جيڪا ماهيگيرن سان زيادتي آهي، هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته منڇر واسين سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس وٺي مهاڻن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.