لاهور کي ڪراچي جيان چئن ضلعن ۾ ورهائڻ جي تجويز

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور کي به ڪراچي جيان چئن ضلعن ۾ ورهائڻ واري تجويز غور هيٺ آئي آهي.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ لاهور جي ضلعي انتظاميا طرفان شهر کي 4 ضلعن ۾ ورهائڻ جي تجويز ڏني وئي.

وڏي وزير  عملي قدمن جي لاءِ مڪمل ايڪشن پلان گهري ورتو آهي.

ان ڏس ۾ ايندڙ هتي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ معاملي جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو.

ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته لاهور کي چار ضلعن ۾ ورهائڻ جي تجويز گورننس کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ کي نظر ۾ رکندي ڏني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.