خيرپور: سائيٽ ايريا سکر جي رهواسين پاران بااثر خلاف ميڊيا اڳيان دانهون

سائيٽ ايريا سکر جي رهواسي مسمات فرزانه کوسو، رابعه ،آسيه خاتون کوسو،معذور نويد احمد ۽ وحيد کوسو پريس ڪلب خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته بااثر قبضا مافيا جوابدارن عاطف علي کوسو، شائستا کوسو، عبدالغني کوسو، منصور،امجد ،طارق ۽ ٻين  سکر جي سائيٽ ايريا ۾ انهن جي زرعي زمين  تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جن کي روڪڻ تان مخالف ڌر ڏمرجي پئي آهي،هنن ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس بااثر جوابدارن خلاف ڪا به ڪاروائي نٿي ڪري،  هنن ٻڌايو ته جوابدار ڌر جا پوليس ۽ ڏوهارين سان واسطا آهن، جنهن ڪري جوابدار ڌر جا ماڻهو انهن کي قتل ڪرڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ،سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌميڪون ڏئي رهيا آهن، وس وارن کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي انهن کي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.