گھوٽڪي :بگو واھ واري علائقي ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ خلاف متاثرن جو احتجاج

گھوٽڪي  ڀرسان بگو واھ واري علائقي ۾ ھٿياربندن جي محمد علي چاچڙ جي گھر تي فائرنگ دوران  محمد علي چاچڙ معجزاڻي طور تي بچي ويو،  واقعي کان پوء چاچڙ برادري جي ماڻھن پيپلز پارٽي سٽي جي جنرل سيڪريٽري محمد حسن چاچڙ ۽ محمد علي چاچڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ،  ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته چاچڙ برادري  جي ماڻھن نور حسن چاچڙ،  افضل چاچڙ ,عبدالرشيد چاچڙ ۽ صدورو چاچڙ انهن جي گھر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني ، فائرنگ دوران محمد علي چاچڙ معجزاڻي طور تي بچي ويو ۽ جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا, ھنن چيو ته ڪچي واري علائقي ۾ محمد علي چاچڙ جي 105 ايڪڙ زمين آھي جنهن تي نور حسن چاچڙ وارا قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، هنن  وس وارين کان گھر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.