عادلپور ڀرسان پوليس ڳوٺاڻي جي چوري ٿيل مينهن واپس ڪرائي ورتي

عادلپور پوليس شهر ڀرسان چنگلاڻي جي ڳوٺاڻي معشوق لانگاھ جي چوري ٿيل مينهن  هڪ ڏينهن ۾ ئي واپس ڪرائي ورتي ، گذريل رات  نامعلوم چور ڳوٺاڻي معشوق لانگاھ جي ڀلوڙ  مينھن چوري ڪري ويا ھئا جنھن جا ڀاڳين ۽ پوليس طرفان پيرا کنيا ويا جيڪي  لعل پير جي علائقي  ۾ گم ٿي ويا ھئا،  ان حوالي سان ايس ايڇ او عادلپور نثارعالم ابڙو ٻڌايو ته ڳوٺاڻي جي چوري ٿيل مينھن جا پيرا لعل پير ۾ وڃڻ بعد پوليس ڇاپي دوران لعل پير مان بلو برادري جي گھران مينھن هٿ ڪري ورتي ، جڏھن ته جوابدار پوليس جي پھچڻ کان اڳ گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا ھئا، ھوڏانھن ڳوٺاڻن  عادلپور پوليس پاران چويھن ڪلاڪن اندر چوري ٿيل مينھن هٿ ڪرائڻ واري عمل کي ساراھيندي ايس ايڇ او عادلپور کي گلن جا ھار پارايا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.