بوزدار وڏا ۾ سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾جهيڙو، متاثر ڌر پاران احتجاج

بوزداروڏا ۾ سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي دوران سخت زخمي ٿيل پورهيت آصف سومرو جي فرياد تي جوابدارن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدار ڌر پاران ٻيهر فريادي ڌر امتياز سومرو جي گهر ۾ گهڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهر ڀاتين تي سروٽن ۽ لٺين سان حملو ڪري هڪ  عورت مسمات نظيران کي زخمي ڪيو ويو،  جنهن کانپوءِ  سومرا برادري جي عورتن ۽ مردن امتياز سومرو ،آصف سومرو ۽ مسمات نظيران جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو احتجاج ڪندڙن چيو ته گذريل ڏينهن تار جي معمولي ڳاله تان جهيڙو ٿيو جنهن ۾ انهن جي پورهيت آصف سومرو کي سروٽآ ۽ ڪهاڙي هڻي رتورت ڪيو ويو جنهن بعد اهڙو اطلاع بوزداروڏا ٿاڻي تي ڪيو جنهن کانپوءِ  انهن وري عورتن مٿان سروٽن ۽ لٺين سان وسڪارو ڪري ڏنو جنهن ۾ عورت نظيران زخمي ٿي پئي، هنن وزيراعلئ سنڌ سيد مراد علي شاه،  ايس ايس پي خيرپور کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.