صارفن لاءِ آساني، واٽس ايپ ۾ ٻن نون فيچرز جي واڌ

هلندڙ مهيني واٽس ايپ طرفان ڪيترن ئي نون فيچرز جي واڌ ڪئي وئي آهي ۽ فيس بڪ جي ملڪيت هيٺ ايپليڪيشن هاڻ وڌيڪ فيچرز جلد متعارف ڪرائڻ واري آهي.

واٽس ايپ جي اپ ڊيٽس تي نظر رکندڙ ويب سائيٽ Wabetainfo اپليڪيشن جي بيٽا ويزن ۾ نظر ايندڙ ڪجهه فيچرز جي باري ۾ ٻڌايو آهي.

ان ۾ سڀ کان دلچسپي ميوٽ ويڊيوز نالي فيچر آهي.

جيئن نالي مان اِشارو ملي ٿو ته ان فيچر جي مدد سان صارف ڪنهن دوست کي موڪليل ويڊيو يا اسٽيٽس اپ ڊيٽ ۾ ڪنهن ويڊيو کي اپ لوڊ ڪندي ميوٽ ڪري سگهن ٿا.

ان فيچر جي تحت جڏهن ڪنهن ويڊيو کي سليڪٽ ڪيو ويندو ته ان ۾ ميوٽ آپشن نظر ايندو ۽ ان کي سليڪٽ ڪرڻ تي جڏهن ويڊيو کي سينڊ ڪيو ويندو ته صارف جي دوست وٽ اُها ويڊيو بنا آواز جي پهچندي.

هي فيچر ڪافي ڪارآمد هوندو ڇو ته ڪيترائي ڀيرا ريڪارڊ ڪيل ويڊيو جي باري ۾ ماڻهن جي خواهش هوندي آهي ته ان ۾ موجود غير ضروري آواز ٻين ماڻهن تائين نه پهچن.

ٻيو فيچر ريڊ ليٽر آهي جنهن تي ميسجنگ ايپليڪيشن طرفان ڪم ڪيو پيو وڃي.

رپورٽ موجب هي فيچر بنيادي طور تي نئون ناهي پر واٽس ايپ ۾ آرڪائيو چيٽس جي جاءِ وٺندو.

ان کان اڳ سيپٽمبر ۾ رپورٽ سامهون آئي هئي ته واٽس ايپ طرفان ويڪيشن موڊ نالي فيچر تي ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪو آرڪائيو چيٽس بابت آهي.

هن وقت واٽس ايپ ۾ جيڪڏهن ڪنهن چيٽ کي آرڪائيو ۾ منتقل ڪيو وڃي ته هو نئون ميسيج اچڻ تي وري مين فيڊ تي نظر ايندو.

جنهن سان چيٽ کي آرڪائيو ۾ منتقل ڪرڻ جو مقصد ئي ختم ٿي ويندو آهي ۽ ويڪيشن موڊ ان خامي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ آهي، جيڪو چيٽس کي بدستور آرڪائيو ۾ رکڻ ۾ مدد ڏيڻ فيچر آهي.

ڄاڻايل فيچر تحت آرڪائيو چيٽ ان سيڪشن تائين ئي محدود رهندي.

رپورٽ موجب هاڻ آرڪائيو چيٽس فيچر جي جاءِ ريڊ ليٽر نالي فيچر وٺندو جيڪو پهرين کان وڌيڪ بهتر هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.