”ناجائز حڪمران پاڻ ڪورونا آهن“

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ناجائز حڪمران پاڻ ڪورونا آهن ۽ جڏهن انهن کي ڪو ٻيو بهانو نه مليو ته چون ٿا ڪورونا وبا جو خطرو آهي.

پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سڀاڻي پشاور ۾ تاريخي جلسو ٿيندو، حڪومت مخالف پي ڊي ايم جو تنظيمي ڍانچو مڪمل ٿي چڪو آهي.

هن چيو ته هي حڪومت عوام جي نه چوري جي مينڊيٽ جي نمائنده آهي، عوام جا ووٽ چوري ڪندڙن کي سُک سان ويهڻ نه ڏينداسين.

سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ ناجائز حڪومت خلاف تحريڪ عروج تي آهي، هڪ ٽرمپ هليو ويو، هاڻ پاڪستاني ٽرمپ کي به ڪڍنداسين.

پي ڊي ايم سربراهه موجب اسان ملڪ ۾ هر طبقي ۽ فرقي جي نمائندگي ڪري رهيا آهيون، پشاور کانپوءِ اسان جو ايندڙ جلسو 26 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندو ۽ 30 نومبر تي ملتان ۾ جلسو ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.