لبنان جي جيل مان 40 قيدي فرار

 

بيروت (ويب ڊيسڪ) لبنان جي تخت گاهه بيروت جي هڪ جيل مان 40 قيدي فرار ٿي ويا.

سرڪاري ميڊيا موجب ڇنڇر ڏينهن بيروت جي اوڀر علائقي ۾ موجود بابدا جيل مان فرار ٿيندڙ قيدين سيڪيورٽي گارڊن کي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو.

پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز انهن قيدين جي ڳولا ۾ علائقي ۾ ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب ڪجهه مفرور قيدين هڪ گاڏي چوري ڪئي، جيڪا حادثي جو شڪار ٿي وئي ۽ اهي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪجهه فرار ٿيندڙ قيدين جي گرفتاري جي به تصديق ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.