گوجرانوالا: عدالت ۾ پيشيءَ تان موٽندڙ 3 ڄڻا قتل

 

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) جي ٽي روڊ تي ڪار تي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا.

پوليس موجب واقعو ڪامونڪي ۾ پيش آيو، جتي 3 ڄڻا شيخوپورا ۾ عدالت ۾ پيشي کانپوءِ واپس وڃي رهيا هئا ته ڪار تي اڻڄاتل جوابدارن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 3 ڄڻا قتل ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ هڪ شخص زخمي پڻ ٿيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ فوري طور اسپتال نيو ويو.

پوليس اختيارين موجب مقتولن جي ڌر جو زمين جي معاملي تي پنهنجي ڳوٺ جي هڪ ڌر سان تڪرار آهي، جڏهن ته قتل ٿيلن جا مڙهه قبضي ۾ وٺي ضابطي جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.