ڪابل ۾ راڪيٽ حملا، 8 ڄڻا مارجي ويا، 20 کان مٿي زخمي  

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ راڪيٽ ۽ مارٽر حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 شهري مارجي ويا ۽ 21 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

افغانستان جي صحت واري وزارت موجب ڇنڇر ڏينهن شهر جي مختلف علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 23 راڪيٽ هلايا ويا.

افغان گهرو وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته راڪيٽ حملا شهر جي چئن مختلف انتظامي علائقن ۾ ڪيا ويا، انهن مان هڪ صدارت اسڪوائر به آهي، جتي افغان نائب صدر امر الله صالح جي آفيس آهي.

هيل تائين ڪنهن به گروهه انهن حملن جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.