پاڪستان ڦڦڙن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ وارو جديد اوزار تيار ڪري ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڦڦڙن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ وارو جديد اوزار تيار ڪري ورتو آهي جنهن سان منصوعي ذهانت جي ذريعي ڦڦڙن ۾ ڪورونا انفيڪشن جي مقدار معلوم ٿي سگهندي.

ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي پاڪستان (ڊريپ) ڪورونا جي جديد سڃاڻپ واري ميڊيڪل ڊيوائس ”ڪوويڊ“ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ڊريپ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ( سي اي او) ڊاڪٽر عاصم رئوف ميڊيڪل ڊيوائس رجسٽريشن جي تصديق ڪندي چيو ته ڊيوائس کي ڊريپ ايڪٽ 2012ع جي تحت رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته ڪوويڊ ڊيوائس مڪمل طور تي مقامي سطح تي تيار ڪيل آهي جيڪا ڦڦڙن ۾ ڪورونا جي انفيڪشن جي سڃاڻپ ڪندي.

سي اي او ڊريپ چيو ته ڪوويڊ ڊيوائس سان ڦڦڙن ۾ ڪورونا انفيڪشن جي مقدر معلوم ٿي سگهندي، ميڊيڪل ڊيوائس هڪ منٽ کان گهٽ وقت ۾ نتيجا ڏيندي آهي ۽ ان سان ڪورنا جي علاج ۾ واضح مدد ملندي.

سندس چوڻ هو ته ڪوويڊ ميڊيڪل ڊيوائس دنيا جي ملڪن وٽ آهي، پاڪستان اِها ٽيڪنالاجي دنيا جي ٻين ملڪن کي فراهم ڪندو ۽ هي ڊيوائس جلد سڄي ملڪ ۾ موجود هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.