هالا: مخدوم امين فهيم جي پنجين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي

سروري جماعت جي روحاني پيشوا، درگاهه حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح جي سترهين گادي نشين. ۽ پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي صدر نالي واري سياستدان مرحوم مخدوم امين فهيم جي پنجين ورسي هالا ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي،  ورسي جي موقعي تي  درگاھ حضرت غوث الحق  مخدوم سرورنوح جي ولي عھد صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان سروري تنظيم سنڌ جي صدر مخدوم احمد الزمان مزار تي چادر چاڙھي ورسي تقريب جي شروعات ڪئي، ان موقعي تي سنڌ توڙي سڄي پاڪستان لاء خصوصي دعا پڻ گھري وئي ۽ ضلعي حڪومت پاران مٽياري ضلعي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو. ورسي جي سلسلي ۾ درگاهه سرور نوح تي قرآن خواني ڪرائي وئي. جڏهن ته مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين مخدوم محمد امين فھيم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.