مٺي: سول اسپتال ۾ ناري فوت ، وارثن پاران ڊاڪٽرياڻين تي لاپرواهي جو الزام، احتجاج

مٺي سول اسپتال ۾ ويم دوران نوجوان ناري فوت ٿي وئي،  وارثن پاران ڊاڪٽرياڻين تي لاپرواهي جو الزام هڻندي  احتجاج ڪيو ويو، 32 ورهين جي نوجوان ناري نرودا زال اميت سونارو ويم دوران گهڻو رت وهڻ سبب فوت ٿي ويئي، وارثن پاران اسپتال جي ڊاڪٽرياڻين تي لاپرواهي جو الزام هڻي اسپتال جي اڱڻ ۾ لاش رکي احتجاج ڪيو ويو ، ناريءُ جي ڀاءُ دليپ سوناروجو چوڻ هو ته سندس ڀيڻ نرودا جو موت ڊاڪٽرياڻين جي غفلت سبب ٿيو آھي. ۽ هو واقعي کي قتل سمجهن ٿا. هنن چيو ته مٺي سول اسپتال ڪوس گهر بڻيل آھي. هنن مطالبو ڪيو ته  واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوار ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.