تحريڪ انصاف جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان به سياسي مخالفن تي ذاتي حملا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ سان سياسي مخالفن تي ذاتي حملا ٿيڻ لڳا.

اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم 22 نومبر تي پشاور ۾ حڪومتي اجازت نه ملڻ باوجود جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ان تي حڪمران جماعت جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان ن ليگ نائب صدر مريم نواز ۽ ٻين اڳواڻن جون تصويرون ڪورونا پيغامن سان گڏ جاري ڪيون پيون وڃن.

مريم نواز جي گلگت بلتستان ۾ ڪيل هڪ جلسي جي تصوير لڳائي چيو ويو آهي ته ”ڪورونا ميڪ اپ ۽ پلاسٽڪ سرجري کان ناهي ڊڄندو، بزرگ سماجي وٿي ۾ خيال رکن“.

ائين ئي ٻين پي ڊي ايم اڳواڻن جون تصويرون لڳائي چيو ويو آهي ته ”ڪورونا ۽ پي ڊي ايم وچ ۾ ايم او يو تي صحيح، پاڪستان ۾ اڳتي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق“ ۽ ان پوسٽ کي پي ٽي آءِ جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان ري ٽوئيٽ ڪيو ويو آهي.

هڪ ٻي پوسٽ، جنهن کي تحريڪ انصاف جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان ري ٽوئيٽ ڪيو ويو آهي، ان ۾ مريم نواز هڪ ٻار کي جهوليءَ ۾ کڻي بيٺل آهي ۽ چيو ويو آهي ته ”مريم نواز ڪورونا کي جهوليءَ ۾ کنيو آهي“.

ان کانسواءِ به ٻين سياسي مخالفن جي حوالي سان پوسٽون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته سوشل ميڊيا واهپيدارن ان عمل تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي وزير علي امين گنڊاپور پڻ مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري تي ذاتي حملا ڪيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.