مصطفيٰ ڪمال تي سرڪاري ايراضي جي غير قانوني الاٽمنٽ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ڪلفٽن ۾ سرڪاري ايراضي جي غير قانوني الاٽمنٽ بابت ريفنس ۾ ڪراچي جي اڳوڻي ناظم سيد مصطفيٰ ڪمال سميت ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ ڇڏيو ۽ جوابدارن جي ڏوهه کان انڪار تي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي به طلب ڪري ورتو.

ڪراچي جي احتساب عدالت جي آڏو ڪلفٽن ۾ سرڪاري ايراضي جي غير قانوني الاٽمنٽ بابت ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت اڳوڻي ناظ۾ ڪراچي سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. ٻين جوابدارن ۾ افتخار قائم خاني، ممتاز حيدر، سيد نشاط علي، محمد دائود، محمد رفيق، محمد عرفان، نذير زرداري، محمد يعقوب ۽ فضل الرحمان شامل آهن.

نيب ريفرنس موجب جوابدارن سرڪاري ايراضي جي غير قانوين منتقلي ڪئي. زمين جي غير قانوني الاٽمنٽ سان قومي ناڻي کي اڍائي ارب رپين کان وڌيڪ نقصان رسيو. 1980ع ۾ ڄاڻايل زمين حڪومت اخبار وڪرو ڪندڙن کي الاٽ ڪئي هئي. اخبار وڪرو ڪندڙڻ ۽ مسجد جي لاءِ مختص زمين 2 هزار گز تي ٻڌل هئي.

جوابدار 2002ع ۾ ڪوڙي ليز جي ذريعي زمين جي خريداري ظاهر ڪئي. 2008ع ۾ ڀرپاسي جي گهڙين ۽ مسجدن جي زمين تي قبضو ڪري غير قانوني طور تي الاٽ ڪري ڇڏي. زمين جي ڪل ماليت 6 ارب  رپين کان وڌيڪ آهي، زمين جو ريڪارڊ ۽ ڪوڙا دستاويز نيب قبضي ۾ وٺي ڇڏيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.