”موجوده حڪومت 6 مهينا به رهي ته ماڻهو بک مري ويندا“

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله موجوده حڪومت کي ڪورونا قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن هي 6 مهينن تائين ڄمي ويا ته ماڻهو بُک ۾ مري ويندا.

لاهور ۾ منشيات جي خاتمي واري عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگيون ٻه سيڪڙو آهن جڏهن ته حڪومتي ڪورونا سئو سيڪڙو. انهن سڀني جا منهن ڏسي وٺو هي ڪورونا جهڙا پيا نظر اچن، حڪومتي ڪورونا اٽو ۽ کنڊ کائي وئي، عوام حڪومتي ڪورونا جي خلاف ٻاهر نڪري جيڪڏهن هي اڃا 6 مهينا ڄمي ويا ته ملڪ کي کائي ڇڏيندا.

راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان حڪومت جي خلاف تحريڪ هنن کان پڇي نه پيا هلايون، پشاور جلسو هر صورت ۾ ٿيندو اسان کي حڪومتي اجازت جي ضرورت ناهي.

تحريڪ جو اڳيون مرحلو سخت هوندو ۽ ان ۾ ڪيترائي آپشن استعمال ڪيا ويندا اِهو پي ڊي ايم جي قيادت فيصلو ڪندي.

ٻئي پاسي لاهور جي منشيات جي خاتمي واري عدالت ۾ راڻا ثناءُ الله جي خلاف منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس تي ٻڌڻي ٿي، راڻا ثناءُ الله عدالت کي ٻڌايو ته اي اين ايف هن جي گاڏي مان پرسنل بيگ ڪڍيو جنهن ۾ رڳو ڪپڙا هئا. عدالت ٻڌڻي 5 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي وڪيلن کي فرد جرم تي بحث مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.