خادم حسين رضوي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، لکين ماڻهن جي شرڪت

لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه خادم حسين رضوي جي جنازي نماز مينار پاڪستان جي گريٽر اقبال پارڪ لاهور ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي.

خادم حسين رضوي جي پٽ حافظ سعد حسين رضوي جنازي نماز پڙهائي. جنازي ۾ رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مفتي منيب الرحمان سميت لکين ماڻهن شرڪت ڪئي. خادم حسين رضوي جي ميت کي ايمبولينس ۾ مسجد رحمت اللعالمين کان گريٽر اقبال پارڪ آندو ويو.

جنازي نماز جي لاءِ ايندڙن کي جهڙتي کان پوءِ اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي جڏهن ته گرائونڊ مان مسلسل لبيڪ يا رسول الله جون صدائون بلند ٿينديون رهيون.

تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا ڪارڪن به پوليس سان گڏ سيڪيورٽي تي مقرر رهيا ۽ ماڻهن کي مڪمل چيڪنگ کان پوءِ اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.

حافظ سعد رضوي نئون امير چونڊجي ويو:

ان کان سواءِ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي مرڪزي شوريٰ علامه خادم حسين رضوي جي پٽ حافظ سعد رضوي کي نئون امير چونڊي ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.