لڪي شاه صدر ڀرسان ڪار جي ٽڪر ۾ عورت فوت،ڪار ڊرائيور گرفتار

لڪي شاه صدر ڀرسان ڳوٺ حيدر خان رند ۾ انڊس هاءِ وي تي ڄامشورو کان دادو طرف ويندڙ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ روڊ پار ڪندڙ 32 ورهين جي عورت جميلا بروهي موقعي تي فوت ٿي وئي، فوتي عورت جي  لاش جو  پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ  پوليس ان کي تعلقه اسپتال سيوهڻ منتقل ڪيو ، فوتي عورت غريب لاڏائو خاندان سان تعلق رکندي هئي جنهن جي فوت ٿيڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو،  ٿيٻاٽ پوليس حادثي جو شڪار ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽  ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.