ميرپورخاص: ٻئي مڙس پاران شادي کانپوءِ دوکو ڏيڻ تي ناري وومن ٿاڻي پهچي وئي

ميرپورخاص جي علائقي گلشن ڪالوني جي رھواسڻ سمرين  ميوو راجپوت ٻئي مڙس پاران شادي ڪري دوکو ڏيڻ کانپوءِ تحفظ لاءِ وومن ٿاڻي تي پھچي وئي. ٽن نياڻين جي ماء ثمرين ٻڌايو ته پوليس اھلڪار منور  آرائين جي پٽ مزمل ھن کي محبت جي ڄار م ڦاسائي ھن سان ڏيڍ مھينو اڳ نڪاح ڪيو  ۽ هتان کان حيدرآباد وٺي ويو جتي ھن نڪاح ڪيو جنھن مان ھن کي حمل به  ٿيو آھي. ھن ٻڌايو ته هن ڪرائي جو گھر ورتو آھي ٽي ڏيھن اڳ ھن جو مڙس ناشتو وٺڻ جي بھاني گھران نڪتو واپس ڪون آيو ، اھڙو اطلاع ھن سيٽ لاۂيٽ ٽاؤن ٿاڻي تي ڏنو پر اڄ  پوليس ٻڌايو ته ھن جي مڙس ھن کي طلاق نامو موڪليو آھي. ھن ٻڌايو ته  ھن مزمل جي چوڻ تي گھر  ، مڙس،  ٽي نياڻيون ڇڏيون ڀائر ڇڏيا ھاڻي ھن کي ڪو به قبول ڪرڻ وارو نه آھي. پوليس سندس مڙس ۽ سهري کي وومين ٿاڻي گهرائي ورتو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.