غوثپور: پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي،گهر ڊاهي پٽ،پلا ل کي باهه،متاثرن جو احتجاج

غوثپور  ڀرسان ڳوٺ مير محمد جاگيراڻي تي ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ايس ايڇ او غوثپور جي اڳواڻي ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اي پي سي چين مشين سان چڙهائي ڪري معصوم ٻار منظور جاگيراڻي ۽  ٽن عورتن سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري اوطاق ڊاھي پلال گاھ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته انهن سان پوليس ناجائزي ڪري عورتون ۽معصوم ٻار ۽ هن نوجوان منظور جاگيراڻي کي گرفتار ڪري اوطاق ڊاھي پٽ ڪري پلال گاھ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي. معصوم ٻارڙن ۽ عورتن ھٿن ۾پاڪ ڪتاب کڻي روئيندي ٻڌايو ته پوليس انهن جي مخالف ڌر جيئند جاگيراڻي جي چرچ تي اسان تي  ڪارروائي ڪئي آهي ۽ گھرن۾پيل سامان ۽ اناج به کڻي وئي آهي. ان موقعي تي متاثرن ميڊيا اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيندي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ کان انصاف جو مطالبو ڪيو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.