ڪورونا ڪيسن ۾ مسلسل واڌ، 4 مهينن دوران هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ تيزي اچي رهي آهي ۽ گذريل هڪ ڏينهن ۾ 42 ڄڻا ان وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن جيڪو انگ 4 مهينن دوران هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن طرفان جاري انگن اکرن موجب گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 42 هزار 752 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن مان پنجاب ۾ 16275، سنڌ ۾ 12975، خيبرپختونخواهه ۾ 4615، اسلام آباد ۾ 7052، بلوچستان ۾ 664، گلگت بلتستان 302 جڏهن ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 896 ٽيسٽون ڪيون ويون، 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 843 نوان ڪيس سامهون آيا. اهڙي طرح هڪ ڏينهن ۾ ڪيل ٽيسٽن ۾ ڪورونا مثبت اچڻ واري شرح 6.6 سيڪڙو رهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا سبب 42 ڄڻا فوت ٿي ويا جيڪو انگ 4 مهينن دوران هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. 17 جولاءِ تي هڪ ڏينهن ۾ 49 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا. سڄي ملڪ ۾ ان وبا سبب 7603 ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا.

پاڪستان ۾ هن وقت ڪورونا مان متاثر ٿيلن جو انگ 3 لک 71 هزار 508 آهي جنهن ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 3 لک 28 هزار 931 ٿي ويو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال تصديققي ڪيسن جو انگ 34 هزار 974 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي 2122 مريض اسپتالن ۾ داخل آهن جنهن مان 246 مريض وينٽي ليٽر تي آهن.

ڪورونا وبا ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ٽيسٽن جي روشني ۾ ان وائرس مان سڀ کان وڌيڪ متاثر سنڌ صوبو آهي، جتي هن وقت تائين 1 لک 61 هزار 28 ڄڻا ان وائرس مان متاثر جڏهن ته 2799 فوت ٿي چڪا آهن.

پنجاب ۾ تصديقي ڪورونا مريضن جو انگ 1 لک 13 هزار 457 آهي جڏهن ته ان وبا مان هن وقت تائين 2 هزار 826 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ ان وائرس جي تصديقي مريضن جو انگ 43 هزار 730 ۽ هڪ هزار 323 فوتگيون ٿيون آهن. بلوچستان ۾ 16 هزار 699 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي جڏهن ته 158 ڄڻا اجل جو شڪار بڻيا.

اسلام آباد ۾ هن وقت تائين 26 هزار 177 ڄڻا ان وبا مان متاثر ٿيا جڏهن ته فوتگين جو انگ 270 آهي. اهڙي طرح آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 5911 جڏهن ته فوتين جو انگ 134 آهي، گلگت بلتستان ۾ مريض 4 هزار 506 جڏهن ته فوتگيون 93 آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.