گلگت بلتستان چونڊون: تڪ جي بي اي 3 گلگت 3 تي سڀاڻي پولنگ ٿيندي

 

گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان اسيمبلي جي تڪ جي بي اي 3 گلگت 3 ۽ جي بي اي 21 غذر 3 جي پولنگ اسٽيشن گندائي ۾ پولنگ سڀاڻي ٿيندي.

جي بي اي 3 گلگت 3 تي چونڊ تحريڪ انصاف جي جعفر شاهه جي لاڏاڻي سبب ملتوي ڪئي وئي هئي، جتي هاڻ سڀاڻي پولنگ ٿيندي، ان تڪ ۾ 22 هزار 232 مرد ۽ 19 هزار 42 عورت ووٽرز موجود آهن.

هوڏانهن جي بي اي 21 غذر 3 جي پولنگ اسٽيشن گندائي ۾ 505 مرد ۽ 403 عورتون سڀاڻي پنهنجي راءِ جو حق ادا ڪري سگهنديون.

15 نومبر تي پولنگ بڪس ڪجهه شرپسند عنصر کڻي ويا هئا، جنهن سبب اتي پولنگ روڪي وئي هئي.

ٻئي پاسي ديامر جي تڪ 3 ڊوڊشال جي عورتن جي پولنگ اسٽيشن نمبر 31 تي ٻيهر پولنگ جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو آهي.

چونڊ نتيجن خلاف جاري احتجاج ۽ امن امان سبب ٻيهر پولنگ ملتوي ڪئي وئي آهي.

غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب ان تڪ تي جي يو آءِ جو رحمت خالق 5 هزار 498 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو ۽ پي ٽي آءِ جي حيدر خان کي 48 ووٽن سان شڪست ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.