جنگي ۽ ايٽمي سامونڊي جهازن جي پاڪستاني حدن ۾ داخلا لاءِ اجازت لازمي قرار

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سامونڊي حدن ۾ ملڪي سيڪيورٽي ۽ سلامتي بابت ”ميري ٽائم زونز ايڪٽ 2020“ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

دستاويز موجب ميري ٽائم زونز ايڪٽ 2020 تحت پرڏيهي جنگي ۽ ايٽمي جهازن جي پاڪستاني حدن ۾ داخلا لاءِ اڳ ۾ اجازت لازمي قرار ڏني وئي آهي ۽ اڳتي پرڏيهي سب ميرينز ۽ ٻين واٽر وهيڪلز جي داخلا به وفاقي حڪومت جي اجازت سان هوندي.

نئين ايڪٽ موجب پاڪستاني حدن ۾ پاڪستان جي بچاءَ بابت ڄاڻ گڏ ڪرڻ ۽ هٿيارن جي استعمال تي به ڪارروائي هوندي، ان کانسواءِ ڪرنسي، ماڻهن جي لوڊنگ، ان لوڊنگ، ريسرچ ۽ سروي تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

ايڪٽ موجب ڀڃڪڙي ڪندڙ سامونڊي جهاز کي قبضي ۾ وٺي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ميري ٽائم زونز ايڪٽ 2020 جي ڀڃڪڙي تي 5 سال قيد ۽ ڳرو ڏنڊ هوندو.

دستاويز موجب وفاقي حڪومت طرفان سامونڊي حدون مقرر ڪيون وينديون ۽ ڪناري جي ڀرپاسي موجود پاڻي کي پاڪستان جو داخلي پاڻي قرار ڏنو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.