پي ڊي ايم ميمبر ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ وجهي رهيا آهن: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم جا اهي ميمبر، جيڪي اڳ ۾ لاڪ ڊائون جا حامي هئا ۽ مون تي تنقيد ڪندا هئا، هاڻ غير ذميواراڻي سياست سان ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ وجهي رهيا آهن.

ٽوئيٽر تي وفاقي وزير اسد عمر جي ٽوئيٽ تي ردعمل ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سخت لاڪ ڊائون جا خواهشمند پي ڊي ايم ميمبر غير ذميواراڻي سياست ڪري رهيا آهن، اهي عوام جي سيفٽي سان کيڏي رهيا آهن.

سندس موجب پي ڊي ايم ميمبر عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي جلسا ڪري رهيا آهن ۽ جلسا اهڙي وقت ڪيا پيا وڃن، جڏهن ڪورونا ڪيس ڊرامائي طور وڌي رهيا آهن.

ان کان اڳ اين سي او سي سربراهه اسد عمر ٽوئيٽ ڪندي چيو ته پشاور ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا وائرس جي هاڪاري شرح 13.39 سيڪڙو هئي.

سندس چوڻ هو ته رڳو گذريل ڏينهن 14 نوان مريض ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سامهون آيا پر پي ڊي ايم جو ان تي ردعمل آهي ته اسان اسٽيج تي محفوظ هونداسين، پوءِ شهرين سان ڇا ٿيندو، ان جي پرواهه ڪنهن کي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.