آءِ بي اي ڪراچي پاران نون اسڪولن جو قيام

ڪراچي (پ ر) آءِ بي اي ڪراچي پاران نئون تدريسي ڍانچو متعارف ڪرايو ويو آهي. اسڪول آف بزنس اسٽڊيز، اسڪول آف ايڪنامڪس سائنسز ۽ اسڪول آف مئٿاميٽڪس ڪمپيوٽر سائنسز جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. اداري پاران ايسوسي ايٽ ڊينز جي جڳهه 13 اسڪولن ۾ ڊينز جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. اداري  پاران جاري ڪيل پريس پڌرائي ۾ چيو ويو ته ايندڙ سال جي جنوري مهيني کان اسڪول جي نفاذ جو عمل شروع ٿي ويندو. اسڪولن جو قيام بين االاقوامي معيارن ۽ مختلف پروگرامن کي نظر ۾ رکندي منفرد نصابي عمل ۽ شاگردن کي بهتر ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. اداري جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ايس اڪبر زيدي پاران به اهڙو اعلان ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.