ڀان ۾ صحافي تي تشدد ڪندڙ گرفتار نه ٿيا، احتجاجي مظاهرو

ڀان سيدآباد ( ن ع آ  ) ڀان سيدآباد ۾ پريس ڪلب جي ميمبر عبدالڪريم جمالي مٿان نامعلوم هٿياربندن پاران تشدد ڪري کائنس موٽرسائيڪل ۽ 40 هزار روپيا روڪ رقم ڦر ٿيڻ واري واقعي خلاف صحافين پاران صدر ذوالفقار مينگل، نائب صدر  آدم مينگل، جنرل سيڪريٽري آصف ميمن ، شاهنواز جمالي، عاشق مينگل، ياسر شورو، صفر خشڪ، ضمير چانڊيو، اڪرم ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان مين روڊ تي ڌرڻو هڻي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته صحافي عبدالڪريم جمالي کي تشدد ڪري ڦر ڪئي وئي واقعي کي 6 ڏينهن گذري چڪا آهن پر ڀان سيدآباد پوليس ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي، پوليس جي روايتي سستي برقرار آهي، ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد جوابدارن گرفتار ڪري ٻئي صورت ۾ صحافين جو احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.