جي يو آءِ 2028ع جي چونڊن کي نٿي مڃي:اڳواڻ

اوڏيرولال اسٽيشن (رپورٽ: سڪندر ساهووال) جميعت علماءِ اسلام جي اڳواڻ قاري ذڪريا عباسي اوڏيرولال پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ن ليگ، پي پي پي ۽ جمعيت علماءِ اسلام شروع کان 2018 وارين چونڊن کي مسترد ڪيو آهي.  ان سلسلي ۾ پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ٿيندڙ جلسن مان عمران حڪومت تمام گهڻي خوف زده آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ قاري ذڪريا عباسي چيو ته آزادي مارچ ۾ به اسان کي وڏي ڪاميابي ملي ۽ پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان جيڪي به جلسا ٿيا انهن کي ملڪ جي عوام مان وڏي پذيرائي ملي آهي، جڏهن ته آخري جلسو اسلام آباد ۾ ٿيندو، جيڪو عمران حڪومت لاءِ آخري ڌڪو هوندو. هن چيو ته 26 نومبر تي شهيد خالد محمود سومرو جي حوالي سان پروگرام رکيو ويو آهي، جنهن ۾ عوام جو سمنڊ اٿلي پوندو.  هن چيو ته پي ڊي ايم پاران طئي ڪيل جلسن مان عمران حڪومت ۽ سليڪٽرن تي تي تمام گهڻو پريشر آهي، هن چيو ته عمران خان ڪوڙن واعدن ۽ يو ٽرن سبب نه صرف پاڪستان ۾ بلڪه پوري دنيا ۾ بدنام ٿي چڪو آهي. عمران حڪومت جيڪي به عوام سان واعدا ڪيا هئا انهن تي ڪو عمل نه ٿيو آهي، حڪومت پاران ڪيل مهانگائي سبب ملڪ جو عوام بيهوش ٿي چڪو آهي، هن چيو ته جنوري تائين عمران حڪومت جو صفايو ٿي ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.