آبپاشي کاتي سپريم ڪورٽ جا حڪم نظرانداز ڪري ڇڏيا

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) آپباشي کاتي جي ڪامورن سپريم ڪورٽ جي حڪمن کي ٿڏيندي 18 گريڊ جي خالي پيل ايگزيڪيٽو انجينئر جي پوسٽ تي 17 گريڊ جي بااثر ڪاموري  کي مقرر ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي آبپاشي کاتي سنڌ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت وسيم احمد سومرو اسسٽنٽ ايگزيڪيٽو انجينئر بي پي ايس 17 سانگھڙ سب ڊويزن کي بدلي ڪري ايگزيڪيٽو انجينئر (بي پي ايس 18)  مٺڙائو ڊويزن ميرپورخاص او پي ايس تحت مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مٺڙائو ڊويزن ميرپورخاص جي ايگزيڪيٽو انجينئر انور سيال کي بدلي ڪري ايگزڪيٽو انجينئر جمڙائو ڊويزن مقرر ويو آهي. واضع رهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران پاڪستان پاران ملڪ جي تمام کاتن ۾ او پي ايس تي مقررين جي پابندي لاڳو ڪيل آهي ان باوجود آبپاشي کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت 17 گريڊ جي اسسٽنٽ ايگزيڪيٽو انجينئر کي 18 گريڊ جي ايگزيڪيٽو انجينئر طور مقرر ڪيو ويو آهي جيڪا سپريم ڪورٽ جو حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي.ذريعن موجب آبپاشي کاتي ميرپورخاص جي جمڙائو ڊويزن جي ايگزيڪيٽو انجينئر غلام مجتبيٰ ڌامره جي ترقي ٿيڻ بعد کيس بطور ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ميرپورخاص مقرر ڪرڻ بعد خالي ٿيل ايگزيڪيٽو انجينئر 18 گريڊ جي پوسٽ تي 18 گريڊ جي ڪنهن آفيسر جي مقرري ڪرڻ يا  نارا ڪئنال ۾ موجود ايڪسيئن مٺڙائو ۽ ايڪسيئن ٿر کي چارج ڏيڻ جي بدران هڪ 17 گريڊ واري آفيسر کي 18 گريڊ جي پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو آهي ذريعن موجب حڪومتي ڌر جي هڪ اهم ايم پي اي جيڪو آبپاشي کاتي جي وهونوار هلائڻ سان مشهور آهي انهي جي هدايتن تي 17 گريڊ جي ڪاموري کي 18 گريڊ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ميرپورخاص غلام مجتبيٰ ڌامره رابطي تي چيو ته آبپاشي کاتي جي اختيارين پاران وسيم احمد سومرو کي ايگزيڪيٽو انجينئر مٺڙائو مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايگزيڪيٽو انجينئر مٺڙائو ڪئنال انور سيال کي بدلي ڪري ايگزيڪيٽو انجينئر جمڙائو مقررڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.