گهاري ۾ غريب سنز مل عملي خلاف احتجاجي مظاهرو

گهارو (ن ع آ)گهاري ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي  غريب سنز مل عملي خلاف سخت نعري بازي ڪندي شهر جو گشت ڪيو احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا ۽ انهن جو مطالبو هو ۽ هنن چيو ته رسول بخش جوکيوکي جلدبحال ڪري پنهنجو حق ڏنو وڃي.ان.موقعي تي رسول بخش جوکيو.ليبرفرنٽ جي ايوب خانيو. قومي عوامي تحريڪ جي آصف جوکيو ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سول بخش جوکيو کي 2019 م جبري برطرف ڪيو ويوهو غريب سنزمل انتظاميا ۽ ڪجهه نام نهادتعصب پرست ٽولو مل ۾ موجودآهي جيڪو مل مالڪ کي به تمام گهڻو غلط ٻڌائي ڪيترن ئي مزدورن کي بيروزگارڪري چڪا آهن هنن جو چوڻ هو ته عالمي قانون مطابق ڪنهن به فيڪٽري ۾ 70  سيڪڙو کان به وڌيڪ مقامي پورهيتن جو حق هوندو آهي. پر هتي جيڪي به مقامي ماڻهون مل ۾ ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي يا ته پڪو نٿو ڪيو وڃي يا وڏي محنت سان پڪا ٿين ٿا ته تعصب پرست ٽولو انهن کي نوڪري مان ڪڍڻ لاءِ هر قسم جي بدمعاشي ڪري رهيوآهي. رسول بخش جوکيو جو چوڻ آهي ته آئون 13 سالن کان غريب سنز فيڪٽري ۾ ڪم ڪري رهيا هوس مون وٽ پڪي نوڪري جا ثبوت موجود آهن جيڪي مون پهرين به ميڊيا تي ڏيکاريا آهن پر ڪوبه تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي منهنجا ٻچا هڪ سال کان بکن وگهي بيمار ٿي چڪا آهن ڇا آئون پاڪستاني ناهيان جو مون کي پنهنجي علائقي ۾ به نوڪري ڪرڻ جو حق ڪونهي آئون ڊي سي ٺٽو.وزيراعلي سنڌ ۽ وزير اعظم پاڪستان عمران خان ۽ سپريم ڪورٽ کان ته مون کي پنهنجو حق وٺي ڏنو وڃي ۽ مونکي نوڪري تي بحال ڪيو وڃي سول سوسائٽي جي اڳواڻن چيو ته رسول بخش سان انصاف نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.