سانگهڙ ضلعي ۾ نقلي ڀاڻ ۽ ٻج زراعت کي تباهه ڪري ڇڏيو

مقصودو رند (ن ع آ) مقصودو رند ۾ نقلي يوريا ڀاڻ جو وڪرو عروج تي پهچي ويو جنهن سبب زميندارن جا فصل سڪي تباه ٿين پيا ۽ ڊيلرن جا ٺٺ ٿي ويا آهن ان سلسلي ۾ مقصودو رند جي مشهور آبادگار حاجي سرور رند صحافين کي ٻڌايو ته مقصودو رند ۾ نقلي ڀاڻ جو ڪاروبار عروج تي پهچي ويو آهي نقلي ڀاڻ سبب اسان جا فصل تباه ٿي ويا آهن جنهن سبب اسان کي سخت معاشي نقصان رسيو آهي هن چيو ته مقصودو رند جا مختلف ڊيلر هن ڪاروبار ۾ ملوث آهن مون کي خبر تڏهن پئي جڏهن مون هڪ ڊيلر کان يوريا ڀاڻ جون 350 جون ٻوريون ورتيون ۽ گهٽ اگھ تي ڏنو ته مون کي شڪ پيو ته ڪا ڳڙ ٻڙ آهي پوء مون ڀاڻ جا سيمپل ٽنڊو ڄام انسٽيٽيوٽ  ۾ موڪليا جتان رپورٽ آئي ته ڀاڻ نقلي آهي هن وڌيڪ چيو ته اسان جي اڪيل آهي اعلي اختيارن کي ته نقلي ڀاڻ جو وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ اهڙن ڊيلرن جا لائينسس رد ڪيا ويا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.