ڪوٽ غلام محمد ۾ ايل بي او ڊي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

ڪوٽ غلام محمد (ن ع آ) ڪوٽ غلام محمد ايل بي او ڊي ملازمن کي 10 مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب سندس گهرن ۾ فاقاڪشي جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، ملازمن جو چوڻ آهي ته اسان کي پڪو بعد اسان جو آئي ڊيون اڃا تائين نه کوليون ويون آهن ،جنهن سبب پگهارون نه ملي رهيون آهن ،ايل بي او ڊي جي ڊينيج ليبر يونين جي اڳواڻ محمد قاسم خاصخيلي ٻڌايو ته حڪومت پاران ملازمن کي پڪو ڪرڻ باوجود ملازمن جون آئي ڊيون نه کلڻ جي ڪري اسان جي ميرپورخاص ڊويزن جي ملازمن کي پگهارون نه ملي رهيون آهن.

سجاول ۾ حليم عادل طرفان زيادتي جو نشانو بڻيل ناري جي عيادت

سجاول (ڊ ر)پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ  حليم عادل شيخ تعلقي جاتي جي وزير جت پهچي وحشي جوابدارن هٿان زيادتي جو نشانو بڻيل ناري جي عيادت ڪئي ۽ متاثرين ناري جي وارثن کان تفصيل معلوم ڪيا انهي موقعي تي پي ٽي آئي اڳواڻ حليم عادل شيخ نياڻي کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ اوڍائي بيت المال ۾ مالي مدد توڙي علاج ۽ قانوني مدد جو اعلان پڻ ڪيو هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نياڻي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ آيو آهيان سموري پي ٽي آئي نياڻي سان گڏ آهي. هن وڌيڪ چيو ته علائقي جي چونڊيل نمائندن کي نياڻي جي پرگهور لهڻ گهرجي ها پر هتان جي چونڊيل نمائندن نياڻي جي ڪا به سار نه لڌي ڇو ته نياڻي غريب آهي نياڻي کي ڪراچي مان علاج ڪرائي هر ممڪن ۽ قانوني مدد ڪئي ويندي.  هن چيو ته وڏي افسوس جي ڳالهه اهڙي وڏي سانحي جي باوجود پوليس ايف آئي آر جا غريبن کان پئسا ورتا آهن، گهربل جوابدارن کي ڪيفرڪردار تائين پهچائينداسين

ڌاٻيجي ۾ شهرين جو لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

ڌاٻيجي (ن ع آ) ڌاٻيجي مل ايريا جي علائقي ۾ بجلي جي ڊگهي اکٻوٽ جاري علائقي واسي سراپا احتجاج بڻيل آهن.انهي موقعي تي علائقي واسين ارمان علي، ذوالفقار ڀنڊ ۽ حبيب الله يوسفزئي احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام مڙھيندي  چيو ته  ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا گهارو پنهنجي ڏاڍ ۽ بدمعاشي ذريعي علائقي واسين جي مين لائن مان سوين جي تعداد ۾ ڪڪڙن جي فارمن، زرعي زمينن ،فارم هاوسن ،پيٽرول پمپن ،بلاڪ جي ٿلن ،سروس اسٽيشن ،هوٽلن سميت مختلف فيڪٽرين کي غير قانوني ڪنيڪشن ڏئي ڪري جتان ماهوار لکين روپيا وصول ٿا ڪن جنهن سبب سڄو وزن پي ايم ٽي تي پئي ٿو. جنهن جي ڪري هر اڌ ڪلاڪ ۾ بريڪر ڪرڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.