شادي پلي ۾ معذور نوجوان دردن جو داستان بڻيل

شادي پلي (ن ع آ) ٽائون ڪميٽيءَ ۽ شادي پلي وارڊ ھڪ غريب آباد پاڙي جو رهواسي پيدائشي ٻنهي ڄنڳھه کان معذور 22 ورهين جو نوجوان اشتياق ولد مرحوم مشتاق ملڪ دردن جو داستان بڻيل آهي، پيدائشي ٻنهي ڄنگهن کان معذور نوجوان هلڻ ڦرڻ کان لاچار سخت مشڪلات واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهي، جڏهن ته غربت ۽ مهانگائي ويتر سندس حال هيڻا ڪري ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾ بيوسي جي تصوير بڻيل معذور نوجوان جي سوٽ عبدل ملڪ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته منهنجو سوٽ پيدائشي ٻنهي پيرن کان معذور هئڻ ڪري هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻيل آهي جيڪو هٿرادو ٺاهيل ٽن ڦيٿن واري گاڏي ذريعي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ گهمي ڦري ٿو، هن چيو ته غربت باوجود اسان وس آهر گهر جو اله تلھ کپاڻي مختلف شهرن جي وڏين اسپتالن مان سوٽ جو علاج ڪرايو ۔ پر ڪو به فائدو نه پهتو آهي، جنهنڪري اسانجو نوجوان هن وقت گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ڏکي زندگي گذارڻ تي مجبور آهي ۔ پر ان باوجود ڪير به سندس سار لهڻ وارو نه آهي، هن وس وارن کان نوجوان جو علاج سميت کيس ويل چيئر ڏيئڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.