جهرڪ ويجهو واٽر سپلاءِ اسڪيم 15 سالن کان خراب

جهرڪ (ن ع آ)جهرڪ ويجهو ڳوٺ شيخ اسماعيل جي واٽر سپلاءاسڪيم مڪمل ناڪارا هئڻ سبب ڳوٺاڻا پريشان ڳوٺاڻن  صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جي واٽر سپلاءِ اسڪيم ناڪارا هئڻ سبب اسان جون عورتون 3 ڪلو ميٽر پري وڃي پاڻي ڀري اينديون آهن، جنهن جي ڪري اسان 15 سالن کان عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. هنن وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته هي واٽر سپلاءِ اسڪيم 1998 ع۾ ورلڊ بينڪ جي تعاون سان منظور ٿي هئي جيڪا 2005 ع تائين هلي سگهي,ان کانپوءِ 15 سال ٿي ويا آهن اسان پاڻي جي لاءِ پريشان آهيون اسان اعليٰ عملدارن ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو، پبلڪ هيلٿ انجنيئر ٺٽو کان مطالبو ٿا ڪريون ته واٽر سپلاءِ اسڪيم کي فعال ڪري ڏنو وڃي ته جيئن پيئڻ جو پاڻي ملي سگهي.ا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.